سکر : گم ٿيل نينگر جو پتو نھ پئجي سگهيو، وارثن پاران بازيابي لاءِ احتجاج

Spread the love

سکر(رپورٽ: ماجد منگي ) سکر جي علائقي پير مراد شاھ مان پنج ڏينهن اڳ گم ٿيل نينگر عبدالرحمان کهڙو جو پتو نہ پيو، وارثن پاران اغوا جو شڪ، سي سيڪشن سکر پوليس اطلاع باوجود تحرڪ نه ورتو، وارثن جو سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، نينگر جي بازيابي جو مطالبو.

خبرموجب :سکر جي علائقي پير مراد شاھ ڪالوني جو رهواسي سورهن سالن جي نينگر عبدالرحمان پٽ علي احمد کهڙو کي گم ٿئي پنج ڏينهن گذري ويا پر نينگر جو پتو نه پئجي سگهيو آهي وارثن پاران نينگر هٿ نہ اچڻ تي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي

ان سلسلي نينگر جي وارثن ساجد علي کهڙو، وسيم علي کهڙو ۽ نعيم کهڙو سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو تہ پهرين جولائي تي عبدالرحمان شام جي وقت گهران سامان وٺڻ لاءِ نڪتو تہ واپس نھ ٿيو

جنهن بعد ڪافي ڳولا بعد سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي پوليس کي مدد جي اپيل ڪئي پر پنج ڏينهن گذرڻ باوجود نينگر جو پتو نه پئجي سگهيو آهي کين خدشو آهي ته نينگر کي اغوا ڪيو ويو آهي پوليس وٽ وڃي ٿڪجي پيا آهيون

 پر پوليس ڪوبه تعاون نہ پئي ڪري جڏهن ته ايس ايڇ او سي سيڪشن ٽال مٽول ڪري رهيو آهي هنن ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته نينگر کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

جُولاءِ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو