سانگهڙ: سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف شٽر بند هڙتال
سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف سانگهڙ شهر مڪمل شٽر بند هڙتال، ڪاروبار بند، سانگهڙ جي لياقت مارڪيٽ صراف بازار موبائل مارڪيٽ دلبر چوڪ سميت شهر جا مک ڪاروباري مرڪز ۽ مارڪيٽون بند، چيمبرس آف ڪامرس ۽ مذهبي جماعتن جي سڏ تي هڙتال جي ڪال ڏني وئي،
مذهبي جماعتن ۽ چيمبرس آف ڪامرس پاران ريليون ڪڍيون ويون، قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف چاليھ کان مٿي تاجر تنظيمن پاران هڙتال جي حمايت ڪري پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي،
ريلي ۾ شريڪ چيمبرس آف ڪامرس جي صدر حاجي يامين قريشي، راڻا شهباز، غلام مصطفا يوسف زئي، راجا رحمت، رئيس احمد گڊو، فيصل آرائين، دريحان بگٽي ۽ ٻين چيو ته سوئيڊن ۾ پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي ڪئي وئي آهي
سوئيڊن حڪومت سندس سپورٽ ڪري رهي آهي سوئيڊن سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن سوئيڊن جي سفير کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي،
هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مذهب اسلام نيڪ اخلاق ۽ مذهبي رواداري جو درس ڏئي ٿو، ٻئي طرف اسلام ۽ امت مسلمه خلاف زهر اوڳاڇيو پيو وڃي جيڪو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي مسلمانن ڪڏهن به غير مذهب وارن جي توهين ناهي ڪئي
اسان جو مذهب امن ۽ سلامتي جو درس ڏئي ٿو، ان موقعي تي مقررين گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته سويڊن ۾ مقدس ڪتاب قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي پوري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ٿي آھي سويڊن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
جُولاءِ 6, 2023