دادو: پيپلزپارٽي  لايرز فورم پاران جمھوريت جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

 دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) پاڪستان پيپلز پارٽي لائير فورم جي اڳواڻي صدر وڪيل شفيع محمد ميمڻ وڪيل ميڊم زيبا وگهيو جي اڳواڻي ۾ دادو بار جي وڪيلن طرفان 5 جولائي 1977ع تي ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم شھيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ريلي ڪڍي

 آمريت مرده آباد جهموريت زنده آباد زنده هي ڀٽو جا اڀ ڏاريندڙ نعره هنيا ويا، وڪيلن ڪوڙا خان ميمڻ، دوست علي جيسر راشد گھلو، پير هني، عبدالرسول عباسي، سيدفيض علي شاهه، عزيز رحمان ڪاظمي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪئلينڊر جون ڪيتريون ئي تاريخون اسان جي دلين تي رت سان لکيون ويون آهن،

شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس عدالتي انصاف جي اوسيئڙي ۾ ڀٽو خاندان جي ٽئين نسل انصاف لاءِ پڪاري رهي آھي ڪيترائي لاش کڻڻ باوجود پ پ اڄ به ملڪ جي اعليٰ عدالتن مان انصاف لاءِ پر اميد آھي، هنن چيو ته ملڪ کي ائٽمي قوت ۽ آئين ڏئي ملڪ کي مضبوط ڪيو

ان شخص جو پنجين جولاءِ تي حڪومتي تختو اونڌو ڪري شھيد ڪيو ويو هنن چيو ته انصاف ڏيندڙن کي گهرجي ته ايشياء جي وڏي سياسي قدآور شخصيت جي ڪيس کي هلائن اڄ جي پاڪستان جا حالات ان جي ڪري ڪمزور آھن

 شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي پورهيت مسڪين ماڻھن کي ڳالهائڻ ۽ سياست ڪرڻ جو پورو حق ڏنو آخر ۾ ھنن اعلي عدالتن کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي  قتل ڪيس هلائي انصاف ڏياريو وڃي.

جُولاءِ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو