دادو لڳ ڳوٺاڻن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي
دادو (رپورٽ : سرور جلال سولنگي)پي ايس ڦلجي وليج، يوسي بهاولپور جي ڳوٺ جهنگل خان پنهور جي ڳوٺاڻن قاتلن جي گرفتاري لاءِ دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڦلجي وليج پوليس ۽ با اثر جوابدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي،
مقتول امداد علي پٽ غلام عباس پنھور جي وارثن ڀيڻ ثمينه ڀاءُ سجاد علي پنهور چاچو محمد موسيٰ پنھور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 10 جون تي نوجوان امداد علي پنهور کي سڱاوتي ۽ زميني تڪرار تان بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي
ان جي قاتلن امام بخش پنهور، راحب پنهور،حمزو پنهور، عابد پنهور، بشير پنهور کي گرفتار ڪيو وڃي، جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جوابدارن الٽو ڪوڙو ڪيس مقتول جي چاچي ۽ ٻين مٿان داخل ڪرايو آهي
ان جي انڪوائري ڪرائي وڃي جوابدارن خلاف وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو وڃي، هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدر آباد، ايس ايس پي دادو سيشن جج داد سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قتل ڪيس ۾گهربل جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
جُولاءِ 6, 2023