ٺاروشاھ: نوجوان پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ
ٺاروشاھ (رپورٽ: اسد سولنگي) ٺاروشاھ ويجهو نوجوان پراسرار نموني گم وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڳولا م مدد جي اپيل, ٺاروشاھ ويجهو ڳوٺ گل محمد ڌونئرو واسي ڌنار نوجوان سمين ڌونئرو هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ کان ٺاروشاھ اچي رهيو هئو ته پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي
جڏهن ته نوجوان جي وارثن پاران نوجوان کي اغوا ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي نوجوان جي ڀاءۡ محمد امين ڌونئرو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀاء ڪالھ منجهند گهر جو سيدو سامان وٺڻ لاء ٺاروشاھ ويو هو جيڪو گهر واپس ناهي موٽيو ۽ سندس موبائيل نمبر به بند آھي
ٺاروشاھ پوليس ڀاء جي گمشدگي بابت هد جو تڪرار ڄاڻائي اين سي به داخل نه پئي ڪري نوجوان جي وارثن آء جي سنڌ ڊي آء جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو آهي
ته ڦوري طور واقعي جو نوٽيس وٺي ڀاء جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڦھليل بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ايس ايس پي نوشھروفيروز جي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.
جُولاءِ 5, 2023