شاهه رخ خان نه خوبصورت آهي نه ئي سٺو اداڪار: ماهه نور بلوچ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا ماهه نور بلوچ چيو آهي ته شاهه رخ خان جي شخصيت سٺي آهي پر هو نه خوبصورت آهي ۽ نه ئي سٺو اداڪار.
خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ هڪ سوال جي جواب ماهه نور بلوچ چيو ته منهنجي نظر ۾ سٺو اداڪار نه پر هو هڪ سٺو ڪاروباري ضرور آهي.
هن چيو ته شاهه رخ خان هڪ بهترين سخصيت جو مالڪ ته ضرور آهي پر جيڪڏهن کيس خوبصورتي جي پيماني تي ماپيو وڃي ته سندس ڳڻپ خوبصورت ماڻهن ۾ نٿي ٿئي، ها کيس پاڻ کي مينيج ڪرڻ ايندو آهي.
اداڪارا وڌيڪ وضاحت ڪيئ ته شاهه رخ خان جي اداڪاري بابت نٿي ڄاڻان، اهو منهنجو نقطه نظر آهي جيڪو ممڪن آهي ته غلط به هجي پر آئون سمجهندي آهيان ته شاهه رخ خان وٽ اُها صلاحيت ضرور آهي جنهن جي بنياد تي هو مداحن کي خوبصورت ماڻهن کان وڌيڪ متاثر ڪندو آهي.
سندس چوڻ هو ته آئون پنهنجي ڪيريئر ۾ اهڙا ڪيئي اداڪار ڏٺا آهن جيڪي خوبصورت ۽ بلاصلاحيت آهن پر اهي ڪامياب نه ٿي سگھيا.
