ڪنڌڪوٽ : بيگناھ مارجي ويلن جي جنازي نماز  ادا ڪئي وئي

Spread the love

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: طلعت نظير دايو) ڪنڌڪوٽ  ويجهو جاگيراڻي هٿيار بندن هٿان بيگناھ مارجي ويلن مير محمد چاچڙ ۽ لقمان چاچڙ جي نماز جنازا پنهنجي ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ ادا ڪئي وئي. جنھن ۾ چاچڙ برادري کان علاوه مختلف برادرين جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.

۽ شھيدن کي سوين آلين اکين سان پنهنجي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي . ۽ شھيدن جي گھرن ۾ قھرام متل آهي. ۽ ماحول سوگوار آهي.

۽ علائقي ۾ خوف وحراس پکڙيل آهي. مارجي ويل شھيد مير محمد موريو چاچڙ جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجَوان ڌاڙيل جيئند جاگيراڻي وارن ناحق ۽ بيگناھ قتل ڪيو آهي. ۽ اسان جو ڪنھن به جھيڙي جھڳڙي سان پري پري تائين به ڪوبه تعلق نه آهي.

 اسان جو ڪونڌر جوان شهيد ڪيو ويو آهي. اسان ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون ڊي آئي جي لاڙڪاڻو آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيون ٿا ته قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

جُولاءِ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو