ڪشمور: جماعت اسلامي پاران قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف احتجاج

Spread the love

ڪشمور(رپورٽ: طلعت نظيردايو)   ڪشمور ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف ڪشمور ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪارڪنن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 ڪشمور ۾ جماعت اسلامي  جي سڏ تي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف ڪشمور ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن پاران ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪارڪنن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي جماعت اسلامي جي صوبا سنڌ جي نائب امير حافظ نصرﷲ عزيز چنا، ڪشمور ضلعي جو امير غلام مصطفي ميراڻي، مقامي امير افضل عطا ڪلوڙ ، حاجي عبدالفتاح کوسو، دلجان مزاري، ذوالفقار علي ملڪ ، منظور احمد چاچڙ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪافر قوتن هميشه مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي،

 ڪڏهن حضور ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪري، ته ڪڏهن قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪري، ڪافر قوتون هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت اسلام خلاف نفرت پکيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيون آهن. پر اسلام قيامت تائين قائم رهندو، جماعت اسلامي اسلام دشمن قوتن خلاف مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي

 ۽ اڄ به سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون، ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته حڪومت پاڪستان سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي  ڀرپور جواب ڏئي ۽ اقوام متحده آڏو اھڙن حرڪتن جو نوٽيس وٺي

جُولاءِ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو