ڏوڪري: چوپائي مال کي بيمارين کان بچاءَ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) چوپائي مال ۾ وڌندڙ بيمارين کان بچاءُ لاءِ لاڙڪاڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ جي هدايتن تي ڏوڪري جي ڳوٺ وڪڙو ۾ ويڪسين لڳائي وئي،

لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ جي هدايتن تي نياز حسين ڪنڀر ۽ ٻين پاران ڳوٺ وڪڙو ۾ چوپائي مال ۾ گهوگهي جي بيماري کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي آهي.

 ان موقعي تي لائيو اسٽاڪ جي ملازم نياز حسين ڪنڀر ميڊيا کي ٻڌايو ته ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ لاڙڪاڻي جي هدايتن تي چوپائي مال ۾ گهوگهي جي بيماري کان بچڻ لاءِ ويڪسين لڳائي رهيا آهيون ته جئين جانورن ۾ بيماري نه ڦلهجي سگهي

جُولاءِ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو