چوٽياريون پوليس جي ڪارروائي،  2 جوابدار گرفتار

Spread the love

چوٽياريون )رپورٽ: علي گل منڱريو(ايس ايڇ او چوٽياريون نبي بخش لاشاري جي اڳواڻي ۾ مبينا طور چوٽياريون پوليس جي ڪارروائي  2 جوابدار گرفتار ديسي ڪچو شراب برآمد  پوليس جي دعوا

تفصيل موجب ڪجھ ڏينهن اڳ چوٽياريون ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ جاني جوڻيجو ۾ مبينه ڪچو شراب پي بيهوش ٿيندڙ نوجوان جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوء ايس ايڇ او چوٽياريون نبي بخش لاشاري منشيات فروشن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آھن

  ان حوالي سان چوٽياريون پوليس خفيه اطلاع تي ڪارروائي ڪري مبينا طور ديسي شراب هٿ اچڻ تي 2 جوابدارن گاجي راڄڙ ۽ غلام مصطفي ملاح کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي

 ان حوالي سان ايس ايڇ او چوٽياريون نبي بخش لاشاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان خفيه اطلاع تحت سنيپ چيڪنگ دوران  ھي ٻئي جوابدار گرفتار ڪيا آھن

جن مان گاجي راڄڙ وٽان 300 ليٽر ديسي ڪچو شراب جڏھن ته غلام مصطفي’ ملاح وٽان 20  ليٽر ديس ڪچو شراب برآمد ٿيو آھي جنهن جو چوٽياريون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي هن وڌيڪ چيو ته هن وقت آئي جي سنڌ جي حڪمن تحت  شھر کي منشيات کان پاڪ ڪرڻو آھي

 اسان کي ايس ايس پي سانگهڙ جون به سخت هدايتون جاري ٿيل آھن منهنجي پوري ڪوشش ھوندي ته منشيات فروشن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻيان.

جُولاءِ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو