پگهارن ۾ واڌ، اهم خبر اچي وئي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
تازي منظور ٿيل بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت طرفان سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 کان 35 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، گريڊ هڪ کان 16 تائين ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 17 کان 22 تائين وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، پگهارن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2023 کان ٿيندي.
