پنوعاقل: قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ کي باھ ڪوچ، مسافر محفوظ رھيا
سکر (بيورو رپورٽ) پنوعاقل ۾ قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ کي باھ ڪوچ مسافرن جي قيمتي سامان سميت سڙي تباھ ٿي وئي، مسافر محفوظ رهيا. ڪو به جاني نقصان نه ٿيو،
پنوعاقل ۾ قومي شاهراه تي پنجاب طرف ويندڙ مسافر ڪوچ کي پنو عاقل شھر ۾ بائجي چوڪ وٽ اوچتو باھ لڳي وئي، مسافرن کي فوري طور ڪوچ مان لاٿو ويو.
جڏهن ته باھ سبب ڪوچ سڙي رک ٿي وئي، ڊرائيور موجب ته مسافر ڪوچ ڪراچي کان پنجاب وڃي رھي ھئي ته اچانڪ باھ لڳي ويس، مسافرن جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي
جڏھن ته پسينجرن کي ڪڍڻ بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو.اطلاع تي فائر برگيڊ گاڏين پھچي ڪري باھ تي ڪنٽرول ڪيو.
جُولاءِ 5, 2023