پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن لاءِ بُري خبر
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽيل ملز ملازمن جي بحالي لاءِ قومي اسيمبلي جي خاص ڪميٽي جي حڪمن کي معطل ڪيو ويو آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني طرفان چئن صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪيو ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن جي بحالي لاءِ قومي اسيمبلي جي خاص ڪميٽي جي حڪمن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني طرفان چئن صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪيو ويو.
پاڪستان اسٽيل ملز جي درخواست تي ڌرين کي 6 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، لکت فيصلي ۾ چيو ويو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن جي بحالي جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي جي خاص ڪميٽي جا حڪم ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل رهندا.
ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 6 جولاءِ تي مقرر ڪئي وئي آهي، پاڪستان اسٽيل ملز قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو 24 مارچ جو فيصلو چئلينج ڪيو هو.
واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي خاص ڪميٽي اسٽيل ملز جي برطرف ملازمن جي بحالي جو حڪم ڏنو هو، ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 6 جولاءِ تي ٿيندي.
