پاڪستانين کي پيٽرول جي اگهه ۾ لاٿ جي خوشخبري ملڻ جو امڪان
عالمي پيدوار ۾ گهٽتائي جي خدشن کي ڏسندي عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه گهٽجي ويا.
گذريل ڏينهن برينٽ ۽ ڊبليو ٽي آءِ جي اگهن ۾ هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ لاٿ ڏٺي وئي، برينٽ جي قيمت گهٽجي 74.65 ڊالر، جڏهن ته West Texas International جي قيمت 69.79 ڊالر في بيرل ٿي وئي.
واضح رهي ته سعودي عرب ۽ روس طرفان اگهن ۾ واڌ لاءِ تيل جي پيداوار ۾ ڪٽوتي جو فيصلو به فائديمند ثابت نه ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پاڪستانين کي پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ جي خوشخبري ملڻ جو امڪان آهي.
