ٺٽو: يوسي جھمپير سميت ڪوھستاني پٽي ۾ چمڙي ۽ خارش جي بيماري عام
ٺٽو (نظير احمد قريشي) تعلقي ٺٽي جي يوسي جھمپير سميت سموري ڪوھستاني پٽي ۾ چمڙي ۽ خارش جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري ويئي،
ھر ماڻھون خارش جي بيماري ۾ وڪوڙجڻ لڳو، صحت کاتي ڪوبہ تحرڪ نہ ورتو، ڪوھستان واسين پاران ڊاڪٽرن جو ٽيمون موڪلي علاج ڪرڻ جي گھر ڪري ڇڏي اھي،
ان سلسلي ۾ يوسي جھمپير جي ڪوھستاني ڳوٺن ڳوٺ سکيو پالاري، ڳوٺ وڪيو جاکرو، ڳوٺ جان محمد برفت، ڳوٺ محمود برفت، ڳوٺ سائينئون جاکرو، ڳوٺ مانجھو پالاري، ڳوٺ قاسم برفت، ڳوٺ عثمان جاکرو، ڳوٺ علي خان جاکرو جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين مُحمد انور ڪوھستاني، عبدالرشيد پالاري، عالم پالاري، عمر برفت، سائين بخش برفت، واحد جاکرو، خداڏنو پالاري ۽ ٻين دانھيندي چيو اھي تھ ڪجھ ڏينھن کان وٺي سموري ڪوھستاني پٽي ۾ چمڙي ۽ خارش جي بيماري ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ٿيڻ ڪري ھر ماڻھون ان بيماري جي لپيٽ ۾ اچي ويو
اھي، ان کان سواء ساھ ۽ دم واري بيماري ۾ بہ اضافو ٿيندو پيو وڃي، مڇرن جي آزار وڌڻ ڪري مليريا بيماري ۾ بہ اضافي ٿيڻ جو امڪان آھي، ھنن انڪشاف ڪندي چيو تہ انسانن بعد ھاڻي چوپائي مال جانورن کي بھ چمڙي ۽ خارش جي بيماري لڳي ويئي آھي، جنھن جو شڪار انسان توڙي جانور بڻجي رھيا آھن،
ھنن گھر ڪئي تہ فورن ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي انسانن توڙي جانورن جو علاج ڪري کين خارش ۽ چمڙي جي بيماري مان نجات ڏياري ڪوھستان واسين جا ڳوٺ پڪا ڪري بند ٿيل اسڪول کولرائي کين صاف پاڻي، صحت، تعليم، روڊ، رستي، بجلي، سوئي گئس، روزگار سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري سندن ملڪيتن تي ٿيندڙ غيرقانوني قبضا خالي ڪرائي کين پنھنجي زمينن جا رھيل معاوضا ڏياري پريشاني کان بچايو وڃي.
جُولاءِ 5, 2023