وڏي ڀيڻ گهرو اڻبڻت تي ننڍي ڀيڻ کي ڇُريون هڻي ماري ڇڏيو

Spread the love

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ۾ گهرو اڻبڻت تي وڏي ڀيڻ تکي اوزار سان حملو ڪري ننڍي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.

گوجرانوالا جي علائقي وزيرآباد جي چيما ڪالوني ۾ گهرو تڪرار تي وڏي ڀيڻ تکي اوزار سان حملو ڪري ننڍي ڀيڻ کي سخت زخمي ڪري وڌو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي.

پوليس ٻڌايو ته اسوه ۽ صالحه ۾ گهرو تڪرار تان جهيڙو ٿيو، جنهن تي اسوه ڇرين جا وار ڪري صالحه کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب مقتولا جي گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته جهيڙي جو ڪارڻ بيان نٿا ڪري سگهون، جڏهن ته پوسٽ مارٽم کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

جُولاءِ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو