مورو: حاجي باگو سيٺار واسين پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو
مورو (رپورٽ: ڪاشف علي لغاري) مورو ويجھو ڳوٺ حاجي باگو سيٺار جي رھواسين پاران پوليس جي ظلم زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جنھن جي اڳواڻي غلام مصطفي، عبدالغفار، خادم حسين، محمد فضل، طالب حسين، محمد اعظم، محمد خان، محمد سومر، ارشاد، منير، مجن، مدثر سيٺار، دلشير گلشير سيٺار، پنھل سيٺار ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا
جتي ھنن چيو تھ اسان جي برادريءَ جي نوجوان پنھنجي سؤٽ سان پسند جي شادي ڪئي آھي جنھن کانپوءِ اسان کي بنا جواز تنگ ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي روزاني جي بنياد تي پوليس گھرن تي چڙھائي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري بااثر اعتبار سيٺار، مشتاق سيٺار، اسلم سيٺار، ايوب سيٺار ۽ ٻيا مسلسل اسان مٿان ظلم ڪرائي رھيا آھن
۽ اسان جي ڪڻڪ جي فصل تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي جيڪو زمين ۾ سڙي پيو، ھنن چيو تہ گذريل ڏينھن ڪورٽ مان پيشي بعد واپسي تي اسان جي ٻن ڄڻن سيٺ امام بخش سيٺار ۽ محمد جمن سيٺار کي کنڀي کڻي وڃي گم ڪيو ويو آھي،
اسان ڪورٽ مان پڻ پوليس پروٽيڪشن وٺي چڪا آھيون پر ان باوجود بہ پوليس ڳري رشوت وٺي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان جي گھرن تي چڙھايون ڪري تشدد ڪري رھي آھي،
ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، ھاءِ ڪورٽ سکر، سيشن جج نوشهروفيروز، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو آھي
تھ اسان سان انصاف ڪري اسان مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرايا وڃن ٻي صورت احتجاجن جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
جُولاءِ 5, 2023