لاڙڪاڻو: ڊاڪٽر مبشر کولاچي خلاف انڪوائري رپورٽ پيش نھ ٿي سگھي
لاڙڪاڻو )بيوروچيف: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻو صحت کاتي سنڌ جي سيڪريٽري پاران چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر مبشر کولاچي کي نادر مگسي جي ڪيڊر واپس ڪري کين انڪوائري ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو
جنھن کي ھڪ مھينو گذري وڃڻ باوجود ھن وقت تائين ايم ايس ڊاڪٽر مبشر کولاچي پاران انڪوائري رپورٽ پيش نه ڪئي وئي آهي ۽ ان انڪوائري رپورٽ کي پڻ دٻايو ويو آهي جڏھن ته ذريعن کان معلوم ٿيو آهي
ته ايم ايس ڊاڪٽر مبشر کولاچي پاران چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي مين سينٽرل ميڊيڪل اسٽور تي اسسٽنٽ اسٽور ڪيپر انچارج نادر مگسي کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي
جڏھن ته اسٽور ڪيپر انچارج ڊسپينسر عبدالرسول ڀٽو کي مقرر ڪندي آرڊر جي ڪاپي پڻ خفيه رکيو ويو آهي، ھوڏانھن صحت کاتي سنڌ جي نااهلي توڙي ڪرپشن سبب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ ھن وقت تائين سڌارو نه اچي سگهيو آهي،
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻو صحت کاتي سنڌ کي پارس جيان لڳل ھجڻ ڪري ايم ايس توڙي ٻيا ننڍا وڏا ملازم پئسن جي عيوض تي توڙي منٿلين تي مقرر ڪرڻ جو سلسلو پڻ نه رڪجي سگھيو آھي،
سياسي ڀوتار توڙي آفيسر شاھي نلي ڪري غريب عوام جي سرڪاري خزاني کي ٻنهي هٿن سان لٽي رھيا آھن
جنھن جو ھن وقت تائين نه ڪا انڪوائري ٿي ۽ نه وري ڪو نوٽيس ورتو ويو آهي ۽ نه ئي ان ڪرپٽ ٽولي جي ڪرپشن جو ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
جُولاءِ 5, 2023