”دنيا جي ڪا طاقت نواز شريف کي پاڪستان اچڻ ۽ چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ کان نٿي روڪي سگهي“

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته دنيا جي ڪا طاقت نواز شريف کي پاڪستان اچڻ ۽ چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ کان نٿي روڪي سگهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته 9 مئي واقعا ٿيڻ بدقسمتي آهي، فائدو کڻندڙن تي ڪيس داخل ڇو نه ٿيو؟

هن چيو ته دبئي ۾ پاڪستان جو محسن ويٺو آهي، جنهن کي هر هر ڪڍيو ويندو آهي، نواز شريف هر هر ڪڍڻ باوجود مهانگائي گهٽ ڪرڻ لاءِ روڊ ميپ ٺاهي رهيو آهي، ان تي به آڱريون کڄي رهيون آهن، چيو پيو وڃي ته دبئي ۾ پلان تيار ٿي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته دنيا جي ڪا به طاقت نواز شريف کي پاڪستان اچڻ ۽ چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ کان نٿي روڪي سگهي، نواز شريف جي پاڪستان اچڻ تي ڀرپور آجيان ڪئي ويندي.

جاويد لطيف واضح ڪيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ نواز شريف انهن ۾ حصو وٺندو ۽ چونڊجي به ويندو.

جُولاءِ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو