دادو لڳ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب  6 ڄڻا زخمي

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو لڳ ڳوٺ موندر ۾ بجلي جي تار ھڻڻ تان شاھاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب  6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،

 زخمين کي موندر پوليس ۽ وارثن دادو سول اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ علاج لاءِ آندو ويو، نجف الدين، قمرالدين، راڻو، عبدالرزاق، ديدار، حفيظ شاهاڻي زخمين کي طبعي امداد ڏيڻ بعد ڊسچارج ڪيو ويو،

 جڏهن ته 3 زخمين عبدالرزاق ديدار ۽ قمرالدين شاهاڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو کان نوابشاھ ريفر ڪيو ويو، هوڏانهن موندر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي اين سي موندر ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي

 معاملي جي جاچ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي،جڏهن ته جهيڙي واري جڳھ تي پوليس عملو مقرر ڪيو آهي جيئن وڌيڪ نقصان نه ٿي سگهي.

جُولاءِ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو