حڪومت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جون ذميواريون ذڪاءَ اشرف کي سونپي ڇڏيون!

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ئين مئنيجمينٽ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
وفاقي ڪابينا جي سمري سرڪوليشن ذريعي پي سي بي جي نئين مئنيجمينٽ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني.
نئين ڪميٽيءَ ۾ ذڪاءَ اشرف کي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.
حڪومت پي سي بي جي چيف اليڪشن ڪمشنر احمد شهاز فاروق راڻا کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو۽ سندس جاءِ تي محمود اقبال خاکواڻي کي پي سي بي جو نئون اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين مئنيجمينٽ ڪميٽي چئن چئن مهينن لاءِ جوڙي وئي آهي، مئنيجمينٽ ڪميٽي ڪرڪيٽ بورڊ سميت آءِ سي سي ۽ ٻين معاملن کي ڏسندي.
پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي ڏهن ميمبرن تي ٻڌل آهي، ڪميٽي ۾ ڪليم الله خان، اشفاق اختر، مصدق اسلام، عظمت پرويز، ظهير عباس، خرم سومرو، خواجا نديم، مصطفيٰ رمدي ۽ ذوالفقار ملڪ شامل آهن.
پي سي بي جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو پهريون اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته پي سي بي چيئرمين جي چونڊ ۽ ذڪاءَ اشرف جي اهليت جو معاملو عدالتن ٻڌڻي هيڊ آهي.
جُولاءِ 5, 2023