اسڪاٽ لينڊ، زمبابوي کي هارائي ورلڊ ڪپ جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

Spread the love

هراري (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ ڪواليفائر جي اهم ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ زمبابوي کي 31 رنسن تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

هراري ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسڪاٽ لينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 234 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ زمبابوي جي ٽيم 41.1 اوورن ۾ 203 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

زمبابوي جي ريان برل جي 83 رنسن جي اننگز به ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهي، سڪندر رضا 34 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ويسلي 40 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڪپتان ڪريڪ ايرون ٻه رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.

اسڪاٽ لينڊ جي ڪرس سول 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته برينڊن ۽ ليسڪ جي حصي ۾ ٻه – ٻه وڪيٽون آيون.

ان کان اڳ اسڪاٽ لينڊ مائيڪ ليسڪ جي 48، ميٿيو ڪراس جي 38 ۽ برينڊن ميڪ مولين جي 34 رنسن جي مدد سان 234 رنسون ٺاهيون.

واضح رهي ته سريلنڪا ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ٻي ٽيم جو فيصلو خميس تي اسڪاٽ لينڊ ۽ نيدرلينڊز جي ميچ کانپوءِ ٿيندو.

ياد رهي ته ٻه ڀيرا جي ورلڊ ڪپ چيمپيئن ويسٽ انڊيز به ورلڊ ڪپ جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي چڪي آهي.

جُولاءِ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو