سيوھڻ: باغ يوسف گرلس اسڪول جي چوديواري جي تعمير جو مطالبو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي ) سيوھڻ ڀرسان ڳوٺ باغ يوسف جي گرلس پرائمري اسڪول جي چوديواري جو ھڪ حصو گذريل سال 2022 جي ٻوڏ ۾ ڊھي ويو آھي

 پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ت اسڪولن کي وڪيشن ھئڻ جي باوجود ب تعليم کاتي ھن گرلس اسڪول جي ڪريل ديوار کي ن ٺھرائي سگھي آھي خدارا ڪجھ احساس ڪيو نياڻين جو اسڪول آھي ان جي ڪريل چوديواري کي جلد ٺھرايو ،

 سنڌ گورنمنٽ ۽ تعليم کاتي ضلع ڄامشورو ۽ تعليم کاتو سيوھڻ جي عملدارن ڪوب ان چوديواري کي ٺھرائڻ لاء ڪي ب اپاء ن ورتا، جڏھن ت گرلس پرائمري اسڪول جيڪو آيل  ٻوڏ ۾ مڪمل ٻڏل ھئو، ان  اسڪول کي ضلع تعليم کاتي انتظاميه ڄامشورو ايترو وقت نظرانداز ڇو ڪيو آھي؟ ان اسڪول جي مرمت وغيره ڇو ن ڪرائي سگھي آھي.

 ڳوٺ باغ يوسف جي گرلس پرائمري اسڪول جي چوديواري ڇو ن ٺھرائي سگھي آھي. ڳوٺ باغ يوسف جي عوام وڏي وزير سيد مراد علي شاھ تعليم کاتي جي سيڪريٽري سنڌ کان گھر ٿا ڪن تھ سائين ڳوٺ باغ يوسف جي گرلس پرائمري اسڪول جي ڪريل چوديواري جي حصي کي جلد کان جلد تعمير ڪرائي ڏيو

 تھ جيئن ڳوٺ باغ يوسف جون نياڻيون تعليم صحيح نموني پرائي سگھن ۽ اسڪول جو استادياڻيون صحيح نموني ڳوٺ باغ يوسف جي  گرلس  پرائمري اسڪول جي نياڻين کي تعليم ڏئي سگھن.

جُولاءِ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو