سانگهڙ: ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران ثقافتي عيد ميلي جي تقريب ٿي گذري
سانگهڙ (رپورٽ: علي گل منڱريو) ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان انساني حقوق جي تنظيم IHRO جي تعاون سان لڳايل ثقافتي عيد ميلي جي اختتامي تقريب منعقد ڪئي وئي
تقريب جو باقاعده آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو جنهن جي سعادت IHRO جي ضلعي سانگهڙ جي جنرل سيڪريٽري فضل الرحمان لغاري کي حاصل ٿي جنهن بعد اپنا خاور ڪرنالي پنهنجي خوبصورت آواز ۾ نعت مقبول صلي الله عليه وآله وسلم پڙھي ٻڌندڙن کي جهومائي ڇڏيو
تقريب دوران ڪمپيئرنگ جا فرائز IHRO جي صوبائي انفارميشن سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو ادا ڪيا اختتامي تقريب کي مهمان خاص ڊي ايس پي سانگهڙ آصف آرائين پ پ ضلعي سانگهڙ جي سينئر اڳواڻ محمد علي لغاري سول اسپتال سانگهڙ جي سول سرجن ڊاڪٽر شبير چينا ايس ايڇ او سانگهڙ ذاهد حسين ڪنبوھ ۽ ميزبان ڄام غلام قادر انڙ خطاب ڪيو
مقررين جو چوڻ ھو ته ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيش طرفان لڳايل ثقافتي عيد ميلو پنهنجي طرز جو هڪ بهترين عوامي ميلو هو جنهن ۾ عيد الاضحي’ جي پرمسرت موقعي تي معصوم ٻارڙن عورتن توڙي هر عمر ۽ مڪتب فڪر جي ماڻھن هن ميلي کي خوب انجواء ڪيو اڄڪلھ جي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڄام غلام قادر انڙ ۽ سندس پوري ٽيم جس لهڻي جن هن اهم ايونٽ کي شاندار بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي
انهيء موقعي تي ميزبان ۽ ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن جي صدر ڄام غلام قادر انڙ طرفان آيل سڀني معزز مهمان جو شڪريو ادا ڪيو ويو سندس چوڻ ھو ته آئون ايس ايس پي سانگهڙ عابد علي بلوچ ڊي ايس پي سانگهڙ آصف آرائين ۽ ايس ايڇ او سانگهڙ ذاهد حسين ڪنبوھ جو ٿورائتو آھيان جن اسان جي هن ثقافتي ميلي دوران فل پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي
ان کان علاوه ميلا ڪاميٽي سميت IHRO ۽ ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن جي ڪارڪنن کي به جس پيش ڪريان ٿو جن پنهنجي محنت ڪري پاڻ ملهايو انهيء موقعي تي علي اڪبر جوڻيجو جو چوڻ ھو ته سانگهڙ جي نوجوان امجد نظاماڻي کي به سلام آھي
جنهن سوشل ميڊيا تي ميلي جون بهترين ويڊيو تيار ڪري رکيون جن سان بهترين پيغام عام ٿيو تقريب دوران IHRO سنڌ جي صدر ڄام غلام قادر انڙ صوبائي انفارميشن سيڪريٽري علي اڪبر جوڻيجو ضلعي ڪمپلين سيل انچارج ميان گل ڪيريو ڊويزنل نائب صدر ڄام عمران انڙ ضلعي صدر سيد مشتاق شاھ ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري فضل الرحمان لغاري طرفان آيل معزز مهمانن ڊي ايس پي سانگهڙ آصف آرائين پ پ اڳواڻ محمد علي لغاري سول سرجن ڊاڪٽر شبير چينا ايس ايڇ او سانگهڙ ذاهد حسين ڪنبوھ سوشل ورڪر امجد علي ۽ ٻن معززين کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا
ان کان بعد ۾ ثقافتي عيد ميلي ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان بهترين خدمتون سرانجام ڏيندڙ پوليس جي جوانن ۽ ليڊيز پوليس اهلڪارن ۽ ميلا ڪاميٽي جي اڳواڻن کي ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان ايوارڊ ڏنا ويا آخر ۾ دعائي خير سان هي تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.
جُولاءِ 4, 2023