گھوٽڪي: ميرپورماٿيلو ۾ درسي ڪتاب ڪٻاڙي وٽ وڪرو، ڪٻاڙي گرفتار
گھوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو )ميرپورماٿيلو تعليم کاتي جو اهم ڪارنامو!! پهرين کان پنجين درجي جا ڪتاب ڪٻاڙي وٽ وڪرو، ٽي اي او نوٽيس ورتو ڪٻاڙي گرفتار،ملازمن ۾ ٻڙڌڪ متل پوليس پهچڻ تي فرار ٿي ويا سياسي سماجي ڌرين ۾ تاء پکڙيل
تفصيل موجب:ميرپورماٿيلو جي ٽي اي او آفيس مان سرڪاري ملازمن پاران ڪتاب چوري ڪري محمد پور روڊ تي ڪٻاڙي وٽ وڪرو ڪيا ويا اهڙو اطلاع صحافين پاران ٽي اي او ميرپور عبدالشڪور سومرو کي ڏنو ويو جيڪو ٻيلو ميرپور پوليس ساڻ ڪري ڪٻاڙي وٽ پهتو ۽ کيس گرفتار ڪرائي ورتو ڪٻاڙي خان ڪولاچي صحافين کي ٻڌايو ته 1600 رپيا في مڻ جي حساب سان 8 مڻ سرڪاري ڪتاب خريد ڪيا آهن
پر اهي مون وٽ موجود ناهن مون وري اڳي وڪرو ڪيا آهن جنهن کان پوليس ڪٻاڙي کي ساڻ ڪري ٽي اي او آفيس ملازمن جي سڃاڻپ لاء وٺي آئي پر ملازم پوليس اچڻ کان پهريان ئي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
ٽي اي او ميرپور عبدالشڪور سومرو ٻڌايو ته ڪٻاڙي ۽ ڪتاب وڪرو ڪندڙن تي هر صورت ۾ ڪيس داخل ڪرائينداسين جنهن به ٻارڙن جي مستقبل سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهن کي ڪڏهن به بخش نه ڪبو،هوڏانهن ڊي اي او زرينا چنا جو چوڻ آهي
ته ٽي رڪني ڪاميٽي جوڙي جاچ ڪرائينداسين ڪاميٽي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ ڏيندي جنهن ۾ جيڪي به سرڪاري ملازم ملوث هوندا انهن قانون موجب سزا ڏياري ويندي.
هوڏانهن سياسي سماجي تنظيمن جسقم،جسم،ايس يو پي،ڌرتي ڌڻي تحريڪ،ايس ٽي پي پاران ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪرائڻ جي صورت سخت احتجاج جو چتاء ڏئي ڇڏيو.
جُولاءِ 4, 2023