ڪراچي ۾ عيد الاضحيٰ عقيدت، احترام سان ملهائي وئي

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو)  ڪراچي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيد الاضحيٰ ملهائي وئي، عيد جي ٽن ڏينهن تائين سنتِ ابراهيمي تحت جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري رھيو، سهراب ڳوٺ ٽائون جي مختلف علائقن ۾ مُک رستن تان گند ڪچرو هٽايو ويو

جڏھن ته يوسي 3 ايوب ڳوٺ مان قرباني جي جانورن جا اوجهه نه هٽايا ويا،جنھن ڪري علائقي ۾ بدبوء ڦھلجڻ شروع ٿي وئي۔ عيد جي پنجين ڏينھن به رھواسين کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون، ضلع اوڀر انتظاميا پاران اوجھ ۽ جانورن جون منڍيون کڻڻ جو ڪم سستي جو شڪار رھيو، صرف مين روڊن تان صفائي سٿرائي ڪري عملو واپس روانو ٿي ويو،

جڏھن ته ماھر ڊاڪٽرن موجب علائقن ۾ صفائي سٿرائي بروقت نه ڪئي وئي ته شھر ۾ مختلف بيماريون ڦھلجڻ جو خطرو وڌي سگھي ٿو ان حوالي سان عوام گفتگو ڪندي چيو ته سهراب ڳوٺ ٽائون وارن جي قسمت نہ بدلي آهي انتظاميا جي غفلت سبب عيد جو پنجون ڏينهن گزرڻ وارو آهي

پر افسوس قرباني کان پوءِ اڇلايل گندگي ۽ غلاظت نٿي کنئي وڃي جنهن سبب علائقي ۾ بدبوء پکيڙجي وئي آهي اسان وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته جلد صفائي سٿرائي ڪري علائقي کي بيمارين کان بچايو وڃي

جُولاءِ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو