پاڻي نه ملڻ خلاف ٺٽو بچايو فورم پاران 101 ڏينھن بھ احتجاج جاري

Spread the love

ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي) ٺٽي  شهر کي پاڻي نه ملڻ خلاف ٺٽو بچايو فورم جي پليٽ فارم تان احتجاج جاري اڄ 101 ھين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ  شھرين جو پنهنجي ٻارن سميت احتجاج  جاري  نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو  پاڻي ڏيو جي سخت نعريبازي               

     ٺٽو بچايو  فورم جي اڳواڻن جمشيدقريشي ،دلاور شيخ،عبدالغفار خان،عرفان ميرجت،ڪامريڊ حافظ عباسي،ڊاڪٽر ولي جاکرو،ممتاز شيخ،بشيرلله سمون، بابو جان خشڪ،سجاد مگسي،لڇمڻ داس،غلام علي شيخ،عمران بلوچ سميت ٻين شھرين اڳواڻن پنهنجامطالبات پيش ڪيا آهن جن مطالبن کي تسليم ڪرائڻ لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي ٺٽي سٽي جي عوام انصاف جو منتظر آهي

 ليڪن سنڌ سرڪار اُن جي آفيسرن جي خاموشي ٺٽي جي عوام سان مائٽِيجي ماءِ جهڙو سلوڪ سمجهه کان ٻاهر آهي، اُنھن چيو آهي ته سڀ جائز مطالبا آهن ڪو به غير قانوني مطالبو نه آهي ، جيڪي ڏنل مطالبا آھن فلفور حل ڪيا وڃن اُنھن مطالبن ۾ ۱.ٺٽي شهر کي پيئڻ جو پاڻي ڪي ڊي نالي مان ڏﻧﻮ وَڃي.

 ۲.ٺٽي شهر کي نئون ڊرينيج نظام ڏنو وڃي ۽ ٺٽي شهر کي گندگيءَ جي ڍيرن کان آجو ڪري مڇر مار اسپري ڪيو وڃي. ۳. ٺٽي شهر جي هر وارڊ کي  پارڪ ڏنو وڃي. اُنھن چيو ته   ٺٽو ۽ مڪلي تي پاڻي جي سخت کوٽ بحران جي صورت اختيار ڪري ورتي آھي، جنھن ڪري شھري سخت پريشان ٿي پاڻي خريدڻ ۽ پري پري کان آڻڻ تي مجبور بڻيل آھي،

جتي ٽينڪر مافيا جا ريٽ ايترا آھن جو غريب ماڻهو ڀرڻ کان ڪاسر آھن  جيڪي عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ ۾ مصروف بڻيل آھن، پر انتظاميہ ھن طرف ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھي،  ٺٽي شهر ۾ پاڻي کوٽ کي مدنظر رکندي انتظاميه فوري طور پاڻي جي کوٽ ختم ڪري اڳواڻن  چيو تہ ٺٽو ۽ مڪلي جا شھري پاڻي جي کوٽ ڪري سخت پريشان آھن ،  فورن جوڳا قدم کڻي شھرين کي پاڻي مھيا ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.

جُولاءِ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو