ملير: ڀينس ڪالوني ۾ ڦر مزاحمت تي قتل ٿيل واپارين جي وارثن  وٽ ايس ايس پي جي آمد

Spread the love

ملير (رپورٽ:  ذوالفقار علي نصيراڻي ) ملير ڀينس ڪالوني ۾ ڦر مزاحمت تي قتل ٿيل 2 شهرين زاهد قريشي ۽ حاجي يونس قريشي جي وارثن وٽ ايس ايس پي ملير حسن سردار احمد پهچي ويو ، ايس ايس پي ملير پاران وارثن سان تعزيت قاتلن جي گرفتاري کي يقيني بڻائڻ جي خاطري بعد اعلانيل احتجاج جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو ڀينس ڪالوني ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙ ۽ انساني زندگيون ضايع ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

 ايس ايس پي ملير تفصيل موجب ملير ڀينس ڪالوني ۾ ڦر مزاحمت تي قتل ٿيل 2 شهرين زاهد قريشي ۽ حاجي يونس قريشي جي وارثن وٽ ايس ايس پي ملير حسن سردار احمد پهچي ويو  ايس ايس پي ملير پاران وارثن سان تعزيت ۽ چيو ته  قاتلن جي گرفتاري کي يقيني بڻائڻ جي خاطري بعد اعلانيل احتجاج جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو ڀينس ڪالوني ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙ ۽ انساني زندگيون ضايع ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

زاهد قريشي ۽ حاجي يونس قريشي جي قتل واري واقعي تي افسوس ٿيو آهي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪم ڪري رهي آهي مختلف هنڌن تي پوليس ڇاپا هنيا آهن پوليس قاتلن جي گرفتاري کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي انسانيت جي ويرين کي قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويندو اسان جا 2 ماڻهو بيگناھ ماريا ويا آهن ايس ايس پي جي يقين ڏيارڻ تي اڄ رات سڪڻ ٿاڻي اڳيان احتجاج جو ڏنل سڏ واپس ورتو آهي پوليس قاتلن جي گرفتاري يقيني بڻائي ايس ايس پي ملير جي اچڻ ۽ خاطري بعد وارثن احتجاج جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو

جُولاءِ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو