لوڪل بورڊ جي روڊ کي ڏنل ٻھ ڪٽ بند ڪرايو وڃي: سيوھڻ واسي
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي( سيوھڻ ڀرسان ڳوٺ علي خاناڻا جي ڀرسان گذريل سال 2022 جي ٻوڏ ۾ ٻوڏ جي پاڻي کي درياء سنڌ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاء روڊ کي ڪٽ ڏنا ويا ھئا، پر ٻوڏ کي گذري ڏھ مھينا ٿيا آھن، ھن مھل تائين روڊس کاتي انھن ڏنل ڪٽن کي بند ن ڪيو آھي،
جيڪا روڊس کاتي جي نااھلي آھي ،اوھان کي ياد ڏياريندو ھلان ت ھن ڪٽ ۾ ب ٽن 3 انساني جانين جو نقصان ٿيو ھئو ان نقصان ٿيئڻ جي باوجود به هي سيوهڻ لوڪل بورڊ کان اندريو دادو روڊ کي لڳايل ڪٽ بند نه ٿي سگھيا،
جڏھن ت ھن روڊ کي ڏنل ڪٽن کي بند ڪرڻ لاء ھن ڳوٺ جي رھواسين جو چوڻ آھي ت اسان ايم اين اي سردار سڪندر خان راھپوٽو ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان گھر ٿا ڪريون ت خدارا لوڪل بورڊ جي روڊ کي ڏنل ٻن ڪٽن کي بند ڪرايو وڃي،
تھ جيئن ھتان ھن ڳوٺ جا ماڻھون دادو ڏانھن ۽ دادو کان سيوھڻ تائين وچين رستي کان قلندر شھباز رحمت الله عليه جا زائرين صحيح نموني اچي وڃي سگھن. جڏھن ت ھن رستي سان اچ وڃ ب ڏاڍي آھي پر سيوھڻ جو روڊس کاتو اڄ ڏينھن تائين اگھور ننڊ ۾ ستل آھي.
جُولاءِ 4, 2023