لاڙڪاڻي شھر ۾ ست ڏينهن گذرڻ باوجود بجلي بحال نه ٿي سگهي

Spread the love

لاڙڪاڻو  (بيوروچيف: عبدالوحيد  ابڙو ) لاڙڪاڻي شھر ۾ ست ڏينهن گذرڻ باوجود به بجلي بحال نه ٿي سگهي لاڙڪاڻو پيپلز پارٽي جو ڳڙھ آهي

جتي لاڙڪاڻي جا شھري 50 سينٽي گريڊ جي گرمي ۾ عيد جا ڏينهن گزارڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ ٻي طرف برف جي ڪارخانن تي 200 وارو ڪين 1500 کان 2000 ھزارن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو جڏهن ته برف جي مافيا خلاف لاڙڪاڻو ڊي سي لاڙڪاڻو اي سي ڪنهن به قسم جو نوٽس نه ورتو جڏهن ته  بلاول زرداري جو پوليٽيڪل سيڪٽري جميل احمد سومرو ۽ ڪمرشل ايريا ۾ بجلي جي بحالي پڻ موجود ھئي

 ۽ لاڙڪاڻي جي اوس پاس وارن علائقن ۾ ڪربلا جي ميدان وانگر پيا ھئا نه ڪو پيئڻ جو پاڻي ۽ نه وري ڪو بجلي جي بحالي لاڙڪاڻو شھر ھڪ موھن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رھيو ھيو ۽ واپڊا اي سي غفار ماڪا وڏيرن جي خوشامند ڪرڻ ۾ پوروآھي.

جُولاءِ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو