سانگهڙ: شهيد ميجر ثاقب حسين باجوه جو مڙھ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي
سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) تربت ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل سانگهڙ واسي ميجر ثاقب حسين باجوه جي مڙھ کي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪندي شهيد ٿيو آهي اسان کي مٿس فخر آهي،
والد محمد يوسف، جنازي نماز ۾ عسڪري قيادت، سياسي، سماجي سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، مڙھ جي استقبال۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائي مٿن گلن جي ورکا ڪئي وئي، سانگهڙ جي شهيد ميجر ثاقب حسين باجوه جو مڙھ فوجي اعزاز سان سانگهڙ شهر آندو ويو،
شهيد جي جنازي نماز پوليس لائين گرائونڊ ۾ ادا ڪري سندس مڙھ کي فوجي اعزاز سان سلامي ڏئي حُر قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي ماڻهن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شهيد ميجر ثاقب حسين بلوچستان بارڊر تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ دوران دهشتگردن هٿان شهادت جو درجو ماڻيو، شهيد ميجر ثاقب حسين پنهنجي آخري ڊيوٽي ڪري ڪيترن ئي اميدن سان گهر اچڻو هو، شهيد ميجر جي 12 مارچ 2023ع تي شادي ٿي هئي،
هوڏانهن شهيد جو مڙه سانگهڙ شهر ۾ پهچڻ تي هر هڪ جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ شهيد ميجر ثاقب حسين باجوه زنده باد جا زوردار نعرا گونجندا رهيا،
ان موقعي تي سندس والد محمد يوسف ۽ ڀاءُ عاطف چيو ته ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪندي شهيد ٿيو آهي اسان کي مٿس فخر آهي، شهيد هڪ بيواه کي ڇڏي پاڻ هميشه لاءِ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويو، جڏهن ته سندس وارثن سان زاهد ٽائون ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آهي
جُولاءِ 4, 2023