دادو جا مسئلا حل ڪيا ويندا: فريال ٽالپر پاران پير مجيب الحق کي خاطري

Spread the love

دادو(رپورٽ :سرور جلال سولنگي )سنڌ اسيمبلي ميمبر قانون، پارلياماني معاملن ۽ انساني حقن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين  بئريسٽر پير مجيب الحق ۽ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي دادو پيردانش علي پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر ايم  پي اي ميڊم  فريال ٽالپر سان نئون ديرو ھائوس ۾ ملاقات ڪري عيد جون مبارڪون ڏنيون.

ان موقعي تي ميڊم فريال ٽالپر ايم پي اي پير مجيب الحق ۽ چيئرمين پيردانش علي سان دادو جي سياسي صورت حال تي ڳالھ ٻولهه ڪئي ۽ چيو تہ انشاالله  ترجيحي بنيادن تي دادو جا عوامي مسئلا حل ڪيا ويندا.

ان کان اڳ پير برادران ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ شھيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو ۽ ٻين شھيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قل پڙهي قرآن خواني ڪري دعا گھري ، ان موقعي تي پير دانش علي جو ننڍڙو فرزند پير مظھرالحق جو پوٽو پڻ ساڻن گڏ ھئو.

جُولاءِ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو