انڪروچمينٽ آفيسر لاڙڪاڻو ننڍي وڏي ڪاروباري کان منٿلي وٺندو آھي: فھد علي

Spread the love

لاڙڪاڻو (بيوروچيف :عبدالوحيد  ابڙو) لاڙڪاڻو شھر ڪرپشن جوڳڙھ بڻجي ويو آھي،ڪجھ ٽائيم اڳ انڪروچمينٽ م معظم عباسي  سرعام ننڍي وڏي ڪاروباري کان منٿلي وٺندو ھيو،

ھيئر ھڪ نئون صاحب شاھد ڀٽو انڪروچمينٽ انچارج ٿيو آھي,جيڪو چارج سنڀالڻ سان ئي ڪرپشن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آھي،جنھن جو تازو مثال پاڪستان چوڪ لڳ جاڙل شاھ چوڪ تي قائم ماشاءۡ الله برياني تي اچي سامان کڻڻ جي ڪوشش ڪئي,مذامت تي دڪان انتظآميه ۽ انڪروچمينٽ ۾ جھڙو ٿي پيو,بعد ۾ انڪروچمينٽ وارن جان بچائي روانا ٿيا،

رابطه ڪرڻ تي ماشاءۡالله برياني جي مالڪ فھد علي ٻڌايو ته انڪروچمينٽ انچارج شاھد ڀٽو ھر روز رشوت لاءِ ماڻھو موڪليندو ھيو،رشوت نه ڏيڻ تي اڄ خد ڪاروائي ڪئي جيڪا نا قابل برداش ھئي،ھن وڌيڪ چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر،ھن ڪرپٽ آنڪروچمينٽ انچارج جو نوٽيس وٺي,اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

جُولاءِ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو