گھوٽڪي: ڳوٺ پنجل سهتو ۾ زهريلو گاھ کائڻ سبب 7 مينهون مري ويون
گھوٽڪي ( رپورٽ : محمد امين سومرو) گھوٽڪي ۾ افسوسناڪ واقعو ڳوٺ پنجل سهتو ۾ زهريلو گاھ کائڻ سبب غريب پورهيت ابراهيم سهتو جون 7 مينهون مري ويون پورهيت کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. پورهيت جي گهر ۾ روڄ راڙو متل مالڪ مينهن جي مٿان زاروقطار روئي روئي بي حال ٿي ويا
عوام جا ويچار گهوٽڪي ۾ وڏا گڙنگ سياستدان ۽ وڏيرا رهن ٿا جيڪي شاهي مهمانن تي ته ڪروڙين روپيا خرچ ڪن ٿا ,۽ کوڙ چونڊيل نمائندا به ڏسجي ته اڄ ڪهڙو چونڊيل نمائندو يا وڏيرو ڀوتار هن مسڪين خاندان جي دانهن جو احساس ڪري هن کي مينهون ڏيڻ جو اعلان ڪندو ,چونڊيل نمائندن وڏيرن ڀوتارن ڊي سي گھوٽڪي توڙي سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هن پنجل سهتو واسي پورھيت ابراھيم سھتو جي فوري طور سهائتا ڪن جئين غريب جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.
جُولاءِ 3, 2023