ڪانٽريڪٽ ملازمن لاءِ سٺي خبر اچي وئي
لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ريڊيو پاڪستان جي ڪانٽريڪٽ ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو چيو ته اهو بنيادي حقن جو معاملو آهي، ان کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون.
لاهور هاءِ ڪورٽ ريڊيو پاڪستان جي ڪانٽريڪٽ ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻن مهينن ۾ ملازمن کي مستقل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت چيو ته اهو بنيادي حقن جو معاملو آهي، ان کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون.
ريڊيو پاڪستان جي 23 ملازمن مستقل نه ڪرڻ خلاف درخواستن داخل ڪيون هيون، درخواستن ۾ چيو ويو ته سالن کان ريڊيو پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون پر پڪو نه پيو ڪيو وڃي.
