چوماسي برساتون، اين ڊي ايم اي خبردار ڪري ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف حصن ۾ چوماسي برساتن جو سلسلو اڄ کان 8 جولاءِ تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

ان حوالي سان اين ڊي ايم اي ترجمان جو چوڻ آهي ته مختلف علائقن ۾ آنڌاري ۽ طوفان سان گڏ برساتن جو امڪان آهي.

ترجمان موجب برساتن سبب جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي، جڏهن ته هيٺين علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.

اين ڊي ايم اي امڪاني برساتن کي ڏسندي لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون آهن، انهن کي هنگامي مشينري ۽ عملي جي موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اين ڊي ايم اي چيو آهي ته ضلعي انتظاميا ايمرجنسي ميڊيڪل عملي جي موجودگي يقيني بڻائي، سياح ۽ مسافر سفر کان اڳ موسمي حالتن کان باخبر رهن.

هارين ۽ مالوندن کي به احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، لاڳاپيل ادارن کي چيو ويو آهي ته ٻوڏ جي خطري وارن علائقن جي رهواسين کي اڳواٽ اطلاع ڪيو وڃي.

جُولاءِ 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو