وڳڻ: مير ھمايون خان مغيري ۽ ٻين پاران رئيس منٺار علي سان  تعزيت جو اظھار

Spread the love

وڳڻ (رپورٽر: عاجز چانڊيو) وڳڻ ۾ جي ڊي اي اڳواڻ مير ھمايون خان مغيري ۽ ٻين پاران  واپاري رئيس منٺار علي مغيري جي امڙ جي وفات تي تعزيت ڪئي وئي جي ڊي اي اڳواڻ مير ھمايون خان مغيري ـ ڪامريڊ غلام حسين مغيري ـ وڪيل يار محمد مغيري ـ عاجز چانڊيو ـ ٽرانسپورٽر ضياءٔ الحق خاصخيلي ـ ساجد بلوچ ۽ ٻين پاران وڳڻ جي واپاري رئيس منٺار علي مغيري جي امڙ جي وفات تي دعا گھري وئي

ان موقعي تي مير ھمايون خان مغيري چيو ته سياست عبادت جو نالو آهي اسين عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا سنڌ ۾ امن و امان جو مسئلو بگڙي رھيو آهي بدامني روڪڻ گھرجي ھن وقت عوام وٽ بک بدحالي ۽ بي روزگاري سوا ڪجھ نه بچو آھي ڏينھو ڏينھن مھانگائي عوام کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي حڪمرانن کي گھرجي ته عوام ٽيڪسن جو ٻوجھ ھلڪو ڪن،

جُولاءِ 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو