ملير: گڏاپ ٽائون جي وي سي ڄام محمد جوکيو پاران شيدي ڳوٺ جو دورو
ملير ( ڊ ر ) گڏاپ ٽاون جي وائس چئرمين ڄام محمد جوکيو جي شيدي ڳوٺ جو دورو،ڊائريا پکڙجڻ جا سبب معلوم ڪيا ، ان سلسلي ۾ سيڪريٽري صحت ۽ ٻين بالا حڪام سان ڳالھايو ۽ مزيد ڪوشش جاري، ملٽي نيشنل ڪمپنيز جي ميڊيسن لا۽ اپاء وٺي رھيا آھيون
ڳوٺ ۾ فوري طور تي پاڻي۽ سيورج جون پراڻيون لائنيون تبديل ڪرڻ احڪامات جاري ڪيا آهن پنھنجن ماڻھن کي اڪيلو ن چڏينداسين، وائس چئرمين ڄام محمد جوکيو تفصيل موجب حاجي شيدي ڳوٺ ۾ تيزي سان ڊائريا پکڙجڻ جي سبب هن وقت تائين 3 سو وقت وڌيڪ ڳوٺاڻا متاثر ٿيڻ جي سلسلي ۾ گڏاپ ٽائون جو وائيس چئرمين ڄام محمد جوکيو ، جمال واحد جوکيو حاجي شيدي ڳوٺ جو دوروڳوٺ جي سماجي اڳواڻن حسين ساگر خاصخيلي۔ اڳوڻو وائس چئرمين رمضان خاصخيلي ۔ ۔مھرالدين خاصخيلي۽ڪامريڊ لال خاصخيلي ٻين سان ملاقات ڪئي
ان موقعي تي ڄام محمد جوکيو چيو ته حاجي شيدي ڳوٺ ۾ ڊائريا پکڙجڻ جاسبب ٽي سو کان وڌيڪ عورتون ،مرد ۽ ٻارڙا متاثر ٿيا آهن ان جا سبب معلوم ڪري رهيا آهيون هن پاڻي جي نمونن ٽسيٽ ڪئي آهي
ان کان علاوه ڊاڪٽر ان جا سبب معلوم ڪري رهيا آهن ، ان سلسلي ۾ سيڪريٽري صحت ۽ ٻين بالا حڪام سان ڳالھايو ۽ مزيد ڪوشش جاري آهن ملٽي نيشنل ڪمپنيز سان ميڊيسن لا۽ اپاء وٺي رھيا آھيون ڳوٺ ۾ فوري طور تي پاڻي ٽنڪيون صاف ڪرايون آهن
۽ سيوريج جون پراڻيون لائنيون تبديل ڪرڻ احڪامات جاري ڪيا آهن هن چيو ته ڪنهن صورت ۾ پنھنجن ماڻھن کي اڪيلو نه چڏينداسين.
جُولاءِ 3, 2023