ملير: شيدي ڳوٺ ۾ ڊائرياوبا تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ عورت فوت

Spread the love

ملير(ڊ ر)شيدي ڳوٺ ۾ ڊآئريا جي بيماري تي ضابطو نه اچي سگهيو وڌيڪ هڪ عورت علاج لاءَ اسپتال ويندي فوت ،فوتين جو انگ چار ٿي ويو چار کان مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي، شيدي ڳوٺ ۾ قائم ڪيل هنگامي طبي ڪيمپ ۾  ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ، ميمڻ ڳوٺ سرڪاري اسپتال ۾ مريضن جي ڊرپ لڳائي واپس ڳوٺ روانو ڪيو پيو وڃي،

عملي ۽ دوائن جي کوٽ خلاف ملير سول سوسائٽي سراپا احتجاج،ايم اين اي جي هدايتن تي صفائي عملو پهچي ويو ،ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته بيماري تي ضابطو آڻيو .پاڻي جون لائينون .ٽنڪيون جلد صاف ٿين ،ترجمان ايم اين اي ڄام ڪريم تفصيل موجب   شيدي ڳوٺ ۾ دستن ۽ الٽين جي بيماري تي ضابطو نه اچي سگهيو

وڌيڪ هڪ عورت 45 ورهين  نسيمه زال فيض محمد  علاج لاءَ اسپتال ويندي فوت ٿي ويئي آهي هيستائين  فوتين جو انگ چار ٿي ويو آهي جن ٽي عورتون ۽ هڪ معصوم  ٻار  شامل آهن جڏهن ته ميمڻ ڳوٺ اسپتال ۾ داخل ستن مريضن مان چئن مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي

ٻئي طرف  صحافين طرفان  شيدي ڳوٺ جو دورو ڪري  جتي  قائم ڪيل هنگامي طبي ڪيمپ ۾  ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ  نظر آئي اهڙي شڪايت عام ماڻهن ۽ صحافين طرفان پي پي ايڇ آئي اين جي او جي زميوار کان جڏهن سوال ڪيو ويو

 ته  هن جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو صحافين جي ٽيم شيدي ڳوٺ کان  ميمڻ ڳوٺ سرڪاري اسپتال ۾ پهتي جتي هنن  مريضن سان ملاقات ڪندي علاج متعلق پڇا ڪئي جنهن جي جواب مريضن جو چوڻ هو ته     عملو  ڊرپ لڳائي واپس ڳوٺ روانو ڪري رهيو آهي

 صحت جي خراب صورتحال تي عوامي تحريڪ جي وفد رستم ميراڻي زبير نوناري ،امر مگسي ،حبيب ۽ ايڊوڪيٽ جنيد خاصخيلي کان علاوه  ملير سول سوسائٽي طرفان سخت احتجاج ڪندي شيدي ڳوٺ جي رواهواسين جون حياتيون بچائڻ لاءِ اثرائتا اپاءٌ وٺڻ جو مطالبو ڪيو

 جڏهن ته سخت عوامي رد عمل کان پوءِ  ايم اين اي ڄام ڪريم  جي هدايتن تي صفائي عملو پهچي گٽر لائين جي صفائي شروع ڪئي ان موقعي تي ايم اين اي ترجمان جو چوڻ هو ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته بيماري تي ضابطو اچي سگهي ۽  .پاڻي جون لائينون  ۽ .ٽنڪيون جلد صاف ٿين  ته جيئن  بيماري پکڙجڻ جا سبب ختم ٿي سگهن.

جُولاءِ 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو