ماهر هوا ۾ موجود گهم مان بجلي ٺاهڻ ۾ ڪامياب
سائنسدانن هوام ۾ موجود گهم مان بجلي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي جنهن کي ماحول دوست توانائي جي حصول ڏانهن اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.
آمريڪي يونيورسٽي ميسا چوسٽس جي ماهرن موجب، هنن هوا ۾ موجود گهم مان معمولي مقدار ۾ مسلسل بجلي جو ڪرنٽ پيدا ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
تحقيقي ٽيم جي قائد پروفيسر جان يائو ٻڌايوته اِها دريافت 2018ع ۾ حادثاتي طور ٿي هئي.
ان موقعي تي سندس ٽيم هوا ۾ گهم جي حوالي سان هڪ سادي سنسر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي پر ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ شاگرد ڊيوائس جو پلگ لڳائڻ وساري ويٺا هئا.
ان باري ۾ پروفيسر جان يائو ٻڌايو ته هوا هر جڳهه تي موجود هوندي آهي ۽ فلحال ڊيوائس تمام گهٽ مقدار ۾ بجلي تيار ڪري رهي آهي پر اسان ڪنهن جاءِ تي ان جي ڪجهه تهن کي استعمال ڪري مقدار کي وڌائي سگهون ٿا.
پر هن تسليم ڪيو ته گهرن کي ان ذريعي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن پنهنجي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڊيوائس کي Air-gen جو نالو ڏنو آهي.
