توانائي بحران جي خاتمي جي سلسلي ۾ اهم اڳڀرائي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني (او جي ڊي سي ايل) جهل مگسي گئس منصوبي تي ٻيهر ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
او جي ڊي سي ايل ترجمان موجب گئس جي وڌندڙ ضرورت کي ڏسندي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، منصوبي سان ماهوار 411 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ملندي.
واضح رهي ته گذريل مهيني خيبر پختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ ولي آئل اينڊ گئس فيلڊ مان پيدا ٿيندڙ تيل ۽ گئس قومي پيداوار ۾ شامل ڪئي وئي آهي.
او جي ڊي سي ايل خيبر پختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ ولي (بيٽاني) آئل اينڊ گئس فيلڊ مان پيداوار جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، گئس جي پيداوار 10 ايم ايم سي سي ايف روز، جڏهن ته تيل جي پيداوار (ڪيو آئل) 1000 بيرل روز آهي.
