” 2018 جي سازش 1971 واري سانحي کان گهٽ نه هئي“
نارووال ( ويب ڊيسڪ ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال 2018ع ۾ ن ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ 1971ع جي سانحي برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته 2018 ۾ پاڪستان جو مستقبل کسيو ويو.
نارووال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ناڻي واري وزارت جي ان ٽيم جي ڪاميابي آهي جنهن جي قيادت وزيراعظم ڪئي.
هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف آءِ ايم ايف سان معاهدو ناڪام بڻائڻ لاءِ لابنگ ڪئي پر ان باوجود موجودا حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو.
هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معيشت بهتر ٿيندي ۽ رُپئي جي قدر مستحڪم ٿيندي، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي ۾ به لاٿ ايندي، اسان مُلڪ جا مسئلا حل ڪنداسين.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته 2018ع جي سازي 1971 واري سانحي کان گهٽ نه هئي، 2018ع ۾ پاڪستان جو مستقبل کسيو ويو .
