ڪراچي: سهراب ڳوٺ ٽائون جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ، شھري پريشان

Spread the love

ڪراچي ( رپورٽ:  ثناءُ اللھ  هڪڙو ) سهراب ڳوٺ ٽائون جي مختلف علائقن ايوب ڳوٺ، لاسي وٺ، نور خان برفت ڳوٺ، سکھیہ ڳوٺ ان جي علاوه ٻين علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ، رهواسي سخت پريشان , چونڊيل نمائندا سڪون واري ننڊ سمھيل. تفصيل موجب ڪراچي ضلعو اوڀر سهراب ڳوٺ ٽائون جي مختلف علائقن ايوب ڳوٺ، لاسي ڳوٺ، نور خان برفت ڳوٺ، سکھیہ ڳوٺ ان جي علاوه ٻين ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي ،

جنهن سبب پاڻي جي سخت کوٽ هجڻ ڪري علائقي واسي سخت ڏکائين کي منهن ڏيئي رهيا آهن . سهراب ڳوٺ ٽائون جا واسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن، سهراب ڳوٺ ٽائون جا واسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن. لکن جي تعداد م آبادي تڪليفن جو شڪار آهي.

پاڻي جي اسڪيمن تي اربين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن.پر رهواسين کي سهولت نه ملي.ضلعي ڪائونسل پاران اوڀر ۽ سهراب ڳوٺ ۾ ڪو به ڪم نه ڪرايو آهي،

 سهراب ڳوٺ واسي سنڌ هاءِ ڪورٽ، تڪ جي چونڊيل نمائندن،ڪمشنر ڪراچي، ڊي سي ايسٽ ۽ ٻين اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته سهراب ڳوٺ واسين جي دانهن جو نوٽيس وٺي کين جلد کان جلد واٽر سپلا چالو ڪري علائقي جي ماڻهن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

جُولاءِ 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو