ڏوڪري لڳ تلاءَ ۾ پير ترڪڻ سبب نيگري ٻڏي فوت
ڏوڪري( رپورٽر) 10 ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ جکرا ۾ پاڻي جي تلاء ۾ پير ترڪڻ سبب ٻارھن سالا شگفته ڌيءَ سعيد جکرو فوت ٿي وئي.جنهن کي وارثن بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال کڻائي پهتا،جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي،
هوڏانهن فوتي نينگري جي والد سعيد جکرو ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڇوڪري صبح پاپا وٺڻ لاء دڪان تي گهران نڪري وئي هئي جنهن جي ڳولا ڪئي وئي پر ڏس پتو نه مليو هو،هن چيو ته گهر ٻاهران مڇي جو تلاء هو جتي نينگري جو لاش مليو آھي،
هوڏانهن لاش گهر پهچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا،جڏھن ته گوٺ ۾ سوڳ واري لهر ڇائنجي وئي آھي.
جُولاءِ 2, 2023