پ پ جون عوامي خدمتون ڪنهن کان بھ لڪيل ناهن: نعمان اسلام شيخ

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد  علي گل ڪلوڙ) پاڪستان پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي جي ميمبر نعمان اسلام شيخ چيو آهي ته پ پ جون عوامي خدمتون ڪنهن کان لڪيل ناهن، بلدياتي چونڊن ۾ پ پ سموري سنڌ خاص ڪري سکر جي تمام يوسين مان مخالفين کي شڪست ڏيئي ڪري نئين تاريخ رقم ڪئي آهي

پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي بلديا اعليٰ سکر جي ميئر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ ۽ يوسي چيئرمين جي محنت ۽ لگن سبب انشاءِ الله سکر شهر وڌيڪ ترقي طرف گامزن آهي ڪارڪنن کي پارٽي جي اعليٰ قيادت تي فخر ۽ ناز آهي عوامي نمائندا عوام جي وچ ۾ موجود آهن انهن کي بنيادي ۽ بلدياتي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون،

اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي رهائش گاهه تي مڪي شاهه ٽائون ڪاميٽي 11 نئين پنڊ جي چيئرمين عبدالسميع پيرزادو، منٺار ۽ ٻين سان ملاقات دوران ڪيو،

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سکر جي چونڊيل نمائندن قومي يا صوبائي اسميبلي ۾ پوکيو ۽ بعد ۾ يوسي چيئرمينن، ڪائونسلرن پنهنجي شهيد قائدين جي فڪر ۽ فلسفي تحت عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان مصروف عمل آهن ۽ نه صرف يوسي بلڪي سکر جي تعمير ۽ ترقي لاءِ عوامي سهڪار سان اڃا اڳتي وڌي ڪري ڪوششون ڪنداسي.

جُولاءِ 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو