پ پ اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي: گيانچند ايسراڻي
ٺٽو (نظير احمد قريشي ) پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙي ريت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي ان جو مثال نه ٿو ملي.
گيانچند ايسراڻي. ٺٽي ۾ صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي بابا سري چند درٻار جي تعمير، مرمت ۽ هال جي تعمير ۽ گهارو ۾ گرو نانڪ مندر ۾ سولر سسٽم لڳائڻ ۽ ترقياتي اسڪيم جو افتتاح. اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جو جنهن طرح تحفظ ڪيو آهي ان جو مثال نٿو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير ٺٽي ۾ بابا سريچند درٻار جي تعمير، مرمت، هال جي تعمير ۽ گهارو ۾ گرو نانڪ مندر ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي ترقياتي اسڪيم جو افتتاح ڪندي ڪيو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن انداز ۾ اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان لاءِ قانون سازي ۽ عملي قدم کنيا آهن ان جو مثال نه ٿو ملي.
هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اقليتن جي مسئلن کي اوليت ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه اقليتي عوام جي حقن جي نمائندگي ڪئي آهي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ اقليتي برادري جي عبادتگاهن تي ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن، اقليتي معاملن واري کاتي سموري سنڌ جي اقليتي برادري جي عبادتگاهن کي خوبصورت ۽ ست سنگ هالز جي تعمير جي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم مڪمل ڪيو آهي. جڏهن ته هن سال به مالي مدد سميت نيون ترقياتي رٿائن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
بعد ۾ منصوبن جي افتتاح کانپوءِ ملڪ جي ترقي ، خوشحالي ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جي صحتيابي ۽ عمر درازي جي لاءِ خصوصي دعا پڻ ڪئي وئي.
ميرپورماٿيلو۾پراڻي تڪرار تان جوابدارن جي فائرنگ، نوجوان قتل
گھوٽڪي ڊسٽرڪٽ (رپورٽر: محمد امین سومرو ) ميرپورماٿيلو ۾ جلباڻي ۽ ڪورائي برادري وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان جوابدارن فائرنگ ڪري ليبر ڪالوني ميرپورماٿيلو جي رهواسي نوجوان قتل، پوليس کي اطلاع، پوليس پهچي لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپور ماٿيلو پهچايو، لاش پوسٽ مارٽم وارثن حوالي، 6 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ، هڪ جوابدار سميت 4 ڄڻا گرفتار، تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ۾ جلباڻي ۽ ڪورائي برادري وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان جوابدارن فائرنگ ڪري ليبر ڪالوني ميرپورماٿيلو جي رهواسي آصف علي ڪورائي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن،
اطلاع تي ميرپورماٿيلو پوليس مقتول جو لاش کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو پهچايو جتي هن جي ڀاءُ عرفان علي ڪورائي ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ کي جوابدار قطب جلباڻي، نور محمد جلباڻي ۽ ٻين هن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، هوڏانهن ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ عرفان ڪورائي پاران جلباڻي برادري جي قطب الدين جلباڻي،
نور محمد جلباڻي، ابراهيم جلباڻي، عباس جلباڻي، آفتاب جلباڻي ۽ هڪ نامعلوم ماڻهو مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار سميت جلباڻي برادري جي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي..
جُولاءِ 2, 2023