ٺٽو بچايو فورم پاران عيد جي ٽئين ڏينهن بھ علامتي بک هڙتال جاري
ٺٽو (نظير احمد قريشي) ٺٽو بچايو فورم جي پليٽ فارم تان عيد جي ٽي ڏينهن علامتي بک هڙتال ڪئي وئي
جنهن ۾ ٺٽو بچايو فورم جي اڳواڻن دلاور شيخ،جمشيد قريشي،شهاب خطيب، عرفان ميرجت ۽ مختلف سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي،جن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري قيوم ابڙو، راول ڪرناڻي، جام سنگهار ڪرناڻي،باغي فرهاد سنڌي،قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو، شبير ڀٽي، بشير الله سمون، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي،امجد شورو،پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن ڪامريڊ حافظ عباسي،ڊاڪٽر ولي جاکرو،سنڌ آبادگار فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر افضل آرائين،سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو،مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر مارو خشڪ، سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر سليمان شاه لڪياري،شهروز چانگ،جعفر شاه لڪياري،قادر اوٺو، حبيب الله رانٽو،حاجن نوتيار، جاويد ڪرناڻي، اياز سولنگي،سجاد مگسي،بابو جان خشڪ،گلاب لُنڊ،جمشيد جوکيو صحافي دوست جاويد لطيف ميمڻ، اي بي شورو سميت مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، شھرين، صحافين، وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري يڪجھتي جو اظھار ڪيو
۽ اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو تہ جيڪڏهن ٺٽو بچايو فورم جا مطالبا فوري طور نہ مڃيا ويا تہ اها جدوجھد اڃان به سگهاري ڪري مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکنداسين.احتجاجي ڪئمپ ۾ سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو جي نياڻي ڊاڪٽر حجاب فاطمہ سندس ڀائرن سان گڏ شاھ لطيف جو رسالو ساڻ ڪري شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي جي پتڪڙي ڪارڪن ڪامريڊ مجتبي ولي جاکرو علامتي بُکَ هڙتال ۾ خطاب پڻ ڪيو.
جُولاءِ 2, 2023