ميرپور خاص: سوشل ميڊيا ڪلب جي گڏجاڻي محمد صالح ڪوري جي صدارت ھيٺ ٿي گذري
ميرپورخاص(رپورٽ: خدابخش چوھاڻ) سوشل ميڊيا ڪلب ميرپورخاص جي اھم گڏجاڻي سرپرست اعلي محمد صالح ڪوري جي اڳواڻي ۾ سٽي ھوٽل بلديا ميرپورخاص ۾ ڪوٺائي ويئي.
جنھن ۾ مھمان خاص طورانٽرنيشنل ھيومن رائيٽس ميرپورخاص ڊويزن جي صدر طاھر ڀٽي، احساس ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ اي ڪي فائونڊيشن جي اڳواڻ اظھر عباسي، محمد اقبال پٺاڻ ۽ معشوق لغاري شرڪت ڪئي
جڏهن ته گڏجاڻي ۾ اعزازي صلاحڪار اديب ء سماجي اڳواڻ پارومل پريمي، خدا بخش چوھاڻ، محمد اسلم مھر، عطا محمد نظاماڻي محمد علي پنھور، مرتضي ڪوري، ميھر شر، ساگر لوھاڻو، اقبال الدين عباسي، الياس انصاري، محمد اسحاق خاصخيلي، مجيب احمد، امان الله مھر، امتياز علي شر، پريم چند، خير محمد ميرجت، محمد عرس خاصخيلي، معشوق علي لغاري، عبدالوحيد پنھور، نويد ملڪ، محمد عرفان ملڪ، محمد علي راجپوت، احمد خان مري، محمد اقبال خان، محمد زبير، جمال الدين، صحافي عبدالغفار لغاري (سٽي پريس ڪلب) ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي سرپرست اعلي محمد صالح ڪوري چيو ته ھي تنظيم غير سياسي ء عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ توڙي عوام جا مسئلا انتظاميا ء اعلي اختيارين تائين پھچائي حل ڪرائڻ آھي.
ھن چيو ته ميرپورخاص شھر توڙي ٻھراڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، ھٿرادو مھانگائي ۽ شين ۾ ملاوٽ جي وڌندڙ مرض ۾ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي خاموشي اھم اشو بڻيل آھن. ھن چيو ته پاڻي زندگي ۽ جياپو آھي، ھتي بجلي نه ھئڻ جو بھانو بڻائي ڪين مافيا کي وڌايو ويو آھي ۽ بجلي اچڻ بعد تلاء ڀريا وڃن ته پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ڪيتري قدر حل ٿي سگھي ٿو،
ان لاء اسانکي جياپي جي جنگ وڙھڻ لاء لائحه عمل جوڙڻ گھرجي. ھن چيو ته فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي گذريل 15 سالن کان ڪابه ڪارڪردگي ناھي مون کين مدي خارج کنڊ بابت درخواست ڏني جنھن تي ڪوبه عمل نه ٿي سگھيو. ھن چيو ته ھن وقت سوشل ميڊيا حقن جي حاصلات لاء وڏو ھٿيار آھي.
ھن چيو ته سوشل ميڊيا ڪلب جي ھر ميمبر کي پنھنجو نالو ۽ ڦوٽو سوشل ميڊيا ڪلب جي گروپ ۾ رکڻ سان گڏ پنھنجي سڃاڻپ لاء پنھنجي فيس بوڪ آئي ڊي تي ڪلب جو مونو گرام لازمي رکڻ گھرجي ته جيئن ڄاڻ ملي سگھي ته ڪلب ۾ ڪير ۽ ڪيترا ميمبر شامل آھن.
احساس ويلفيئر ۽ اي ڪي فائونڊيشن جي اڳواڻ اظھر عباسي چيو ته ميرپورخاص ۾ بجلي جو وڏو بحران آھي، ڪنھن علائقي ۾ ٽرانسفارمر سڙي وڃي ٿو ٿو ته اھو ھفتي ڏھن ڏينھن تائين نه ٿو لڳايو وڃي ۽ پاڙي وارن کان گڏ ڪيل چندو وٺي نئون ٽرانسفارمر لڳائڻ بجاءِ پراڻي سڙيل ٽرانسفارمر جي ٻيھر مرمت ڪري لڳايو ويندو آھي.
ھن چيو ته واپڊا وارن جي مرضي جي بغير بجلي جي چوري نٿي ٿي سگھي. ھن چيو ته جي ڊي سي فائونڊيشن ڪراچي جي تعاون سان اسان ميرپورخاص ۾ ھڪ انسٽيٽيوشن قائم ڪري رھياآھيون، جنھن ۾ سوشل ميڊيا ڪلب کي پڻ شامل ڪيو ويندو. ھيومن رائيٽس انٽرنيشنل آرگنائيزيشن جي صدر طاھر ڀٽي چيو ته ھيومن رائيٽس آرگنائيزيشن بين الاقوامي ادارو آھي جيڪو انساني حقن جي حاصلات لاء سوشل ميڊيا ڪلب سان گڏجي ڪم ڪندو،
ان موقعي تي ھن سوشل ميڊيا ڪلب جي سرپرست اعلي محمد صالح ڪوري کي ھيومن رائيٽس آرگنائيزيشن ميرپورخاص ڊويزن جي لاء سينيئر نائب صدر مقرر ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو جڏھن ته ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سان ملاقات لاء ھڪ 7 رڪني ڪاميٽي پڻ جوڙي ويئي جنھن ۾ اظھر عباسي، محمد اقبال پٺاڻ، محمد صالح ڪوري، احمد خان مري، اقبال الدين عباسي، محمد عرفان ملڪ ۽ محمد علي راجپوت کي ميمبر مقرر ڪيو ويو
جيڪي پيئڻ جي پاڻي، صفائي، روڊ رستن، بجلي، ھٿرادو مھانگائي، حددخلين ۽ ٻين مسئلن بابت ڊي سي ميرپورخاص سان ملاقات ڪري انھن مسئلن بابت آگاھي ڏيندو جنھن بعد آئندہ جي لاء لائحه عمل جوڙيو ويندو. گڏجاڻي بعد سٽي ھوٽل جي مالڪ ۽ ايگريڪلچر ريسرچ کاتي جي ريٽائرڊ ڊائريڪٽر سترام داس پاران سوشل ميڊيا ڪلب جي ميمبرن سان گڏجي سوشل ميڊيا ڪلب ميرپورخاص جي ڪاميابي ۽ عيد جي خوشي ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو جڏھن ته شرڪت ڪندڙ سمورن ميمبرن لاء عيد جي مناسبت سان مٺائي، چانھ ۽ بسڪيٽ جو اھتمام ڪيو ويو.
جُولاءِ 2, 2023