قرآن پاڪ جي بي حرمتي وارو واقعو، سوئيڊن حڪومت جو موقف سامهون اچي ويو
اسلام آباد ( ويب ڊسڪ ) سوئيڊن قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي کي انفرادي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان ۾ سوئيڊن جي سفارتخاني طرفان پنهنجي حڪومت جو بيان ٽوئيٽر تي پوسٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو سوئيڊن حڪومت اسلامو فوبيا تي ٻڌل اهڙي عمل کي سختي سان رد ڪري ٿي.
سوئيڊش حڪومت جو چوڻ آهي ته اِهو واقعو سوئيڊن جي حڪومت جو موقف واضح نٿو ڪري .
ٻئي پاسي يورپي يونين واقعي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته واقعو جارحاڻو ۽ بعزتي تي ٻڌل، چڙڏياريندڙ آهي، اِهو عمل ڪنهن به طرح يورپي يونين جي راءِ جي عڪاسي نٿو ڪري، نسل پرستي، نفرت انگيزي ۽ عدم برداشت جي يورپ ۾ ڪائي جڳهه نه آهي.
جُولاءِ 2, 2023