سکر ۾ پ پ اڳواڻ محمد علي شيخ جي اسٽيپ فائونڊيشن جي تقريب ۾ شرڪت، شاندار آجيان

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ)پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ محمد علي شيخ جن اسٽيپ فائونڊيشن آفيس اچي تعارفي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ، اسٽيپ فائونڊيشن جي ٽيم گلن جي ورکا سان زبردست استقبال ڪيو،

 شائسته بلوچ جن سميت اسد چاچڙ ، احمد علي کوسو ۽ ٻين کين ثقافتي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون تحفي طور پيش ڪيو ، انھيءَ دوران اسٽيپ فائونڊيشن بورڊ ميمبران اعجاز احمد کوکر ، شير محمد ميراڻي ، عبدالحنان ڪلوڙ ۽ ضلعي اڳواڻن حافظ عبدالحليم ، محمد عثمان سومرو ، رجب خاصخيلي ، حيدر منڱريو ، مظھر ڦلپوٽو ، فھد امجد ۽ ٻين سميت علائقي جي معززين جان محمد ڀٽو ، محمد ايوب ڪٽپر ، عبدالوحيد ڀٽو ، بدرالدين شيخ جن شرڪت ڪئي ،

 محمد علي شيخ جن موجوده سياسي صورتحال موجب ميڊيا سان گفتگو پڻ ڪئي ، صحافين محمد علي شيخ جن کان سياسي شخصيتن سان ملاقاتن ۽ سياسي حل چل بابت سوال پڇيا ،جواب ۾ چيو ويو ته پارٽي قيادت جي فيصلي تحت ڪنھن بہ تڪ تي اليڪشن وڙهندس ، في الحال ڪو به حتمي فيصلو طئي ناھي ٿيو وڌيڪ سکر جي بجيٽ ۽ ڊولپمينٽ متعلق پڻ وضاحتي ڳالھايو ويو

جُولاءِ 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو